جمعو فقير

جمعو فقير: سنڌ جي مهمان نوازيءَ جو هڪ مثالي ڪردار، جمعو فقير مڱڻهار تعلقي گهوٽڪيءَ جي ڳوٺ گيمڙي جو رهاڪو هو. هيءُ غريب خاندان جو فرد هو. سندس گذارو پنج ڪڻيءَ تي هو. هن لاءِ مشهور آهي ته گيمڙي واسي فقيرن کي پير فريديءَ دعا ڪئي هئي ته ابا الله ڪندو ته اوهان وٽ گهر ويٺي سُڪن ٽڪرن تي ڪو وڏو گويو اچي رهندو، جيڪو اوهان کي فـن جـي سـکـيـا ڏيـندو، ٿيو به ائين جو پٽيالا گهراڻي جو گني گويو امير خان'>استاد امير خان (خانصاحب عاشق علي خان جو مامو) وٽن اچي رهيو ۽ کين راڳداريءَ جي سکيا ڏنائين. جنهن جي نتيجي ۾ حافظ علي بخش مڱڻهار هڪ پڪو ۽ سريلو ڳائڻو پيدا ٿيو ۽ استاد قادر بخش مڱڻهار ريڊيو پاڪستان خيرپور تي مشهور طبلي نواز آهي. هي مڱڻهار خاندان اڄ به ان ڪِرت سان وابسته آهي. جمعو فقير به ان ويڙهي جو فرد هو، جيڪو هڪ غريب مڱڻهار هو، پر دل جو سخي هو، سندس غريباڻي اوطاق هر وقت آئي وئي لاءِ کليل هوندي هئي. جمعي فقير جي گهر جي ٻاهران گهنڊ ٽنگيل هوندو هو، جيترا ماڻهو هوندا، اوترا گهنڊ تي ڌڪ هڻبا هئا، جمعو فقير گهر ۾ موجود هجي يا نه هجي پر اوترن ماڻهن جي ماني اوطاق تي پهچندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته رستي ويندي بکايل ماڻهن اچي گهنڊ وڄايو هوندو ۽ فقير جي گهر وارا اوڌر تي به سيڌو سامان کڻي ننگر تيار ڪندا هئا. انهيءَ سڄي ڪم ۾ سندس گهر واريءَ جو ساٿ هو. سندس گهر واري فوت ٿي ته اهو سمورو ڪاروهنوار فقير جي نُنهن مائي پيرُل سنڀاليندي آئي. اها ڀاڳڀري پيرل اڃا حال حيات آهي. جمعو فقير هڪ مثالي مهمان نواز هو جو غريب ۽ مسڪين هوندي به سندس دل ڪڏهن به لوڏو نه کاڌو. فقير وڏي ڄمار ۾ 1990ع ۾ گذاري ويو پر سندس سخا اڄ به ڳائجي پئي.


لفظ جمعو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو